مئنيجمينٽ ڪيڊر نامنظور، گسٽا جي سڏ تي استادن جو احتجاج

نوشهروفيروز (ن س) گسٽا جي سڏ تي سيڪنڊري استادن پاران پيش ڪيل چارٽر آف ڊمانڊ جي حق ۾ جلوس ڪڍيو ويو،  جيڪو گورنمينٽ مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول نوشهروفيروز کان شروع ٿي پريس ڪلب پهتو.  استادن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا ۽ هو پنهنجي مطالبن جي حق ۾ نعرا هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي گسٽا اڳواڻن نصرالله ميمڻ، راشد ڪلهوڙو، محمد سليمان سولنگي، محمد پريل ڪاڪيپوٽو، ابراهيم جوکيو، عزيز الله هنڱورو، محمد قاسم ملڪ، محمد رمضان مري، عبدالحڪيم سابقي، مشتاق سولنگي، اسلم ڪوريجو ۽ ٻين چيو ته ايڇ ايس ٽي استادن کي ٽائيم اسڪيل بي پي ايس 20 ڏنو وڃي، جي ايس ٽي ۽ مساوي استادن کي ٽائيم اسڪيل بي پي ايس 17 ڏنو وڃي، سنڌ يونيورسٽي، آءِ بي اي، اين ٽي ايس ۽ اقرا يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ  استادن کي ريگيولر ڪيو وڃي، 2012 ۾ ڀرتي ٿيل مختلف ضلعن جي استادن جون پگهارون جاري ڪيون وڃن ۽ چارٽر آف ڊمانڊ ۾ پيش ڪيل سمورا مطالبا منظور ڪري استادن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو