لوڙهي کي باهه ڏئي بي دخل ڪندڙن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

مانجهند(رپورٽ مهراڻ يوسف عمراڻي) گهر مان بي دخل ڪرڻ ۽ پٽ جي علاج لاءِ پريس ڪلب آڏو مختلف ماڻهن جو احتجاج. ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ جوابدارن پورهيت جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ لا۽ لوڙھي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. قبضا گيرن ڇپر مان سامان اڇلائي گهر ڀاتين کي مارڪٽ ڪري اٿاري ڇڏيو، جنهن جي رپورٽ متاثرشخص ڦل خان کوسو مانجهند ٿاڻي تي، وارث کوسو، يار گل، مبين ۽ نثار کوسو سميت 10 جوابدارن تي اين سي  داخل ڪرائي. اين سي داخل ٿيڻ باوجود پوليس ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آهي.

اهڙي عمل خلاف متاثر ڳوٺاڻي ڦل خان کوسو،علي حسن کوسو ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو داهيندي چيو بااثر جوابدارن سندس ڪکائين گهر ۽ پلاٽ تي قبضو ڪري کين بي دخل ڪري ڇڏيو آھي، جنهن سبب هو دربدري واري زندگي گذاري رهيا آھن. هنن چيو ته جوابدار کين ڪيس تان هٿ کڻڻ لا۽ ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن نقصان جو ازالو ڪرائي کين تحفظ ڏنو وڃي. ٻئي پاسي ڳوٺ ميان بخش کوسو جي رهواسي پيرسن ولي محمد کوسو پٽ جي علاج لا۽ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيوآهي. هن چيو ته سندس پٽ درويش نياز حسين کوسو جو ٻه دفعا پٿري جو آپريشن ڪرايو آھي جڏهن ته کيس مرگهي جا جهٽڪا به اچنس ٿا. هاڻي تيون دفعو رپورٽ ۾ وري پٿري ظاهر ٿي آھي پر عربت سبب پٽ جو علاج ڪرائي نه ٿو سگهي. هن سندس تڪ تان چونڊجي  وزير اعلي سنڌ جي پوسٽ تي پهتل سيد مراد علي شاه ايم پي اي سردار ملڪ اسد سڪندر ۽ سرندي وارن کان مطالبو ڪيو ته سندس پٽ جو علاج ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو