لنڊ تشدد ڪيس ۾ 2 جوابدار رمانڊ تي پوليس حوالي،ٺاهه لاءِ دٻاءُ

خانپورمهر(رپورٽ حميد سيال) پورهيت الهرکيولنڊ تشدد ۽ تذليل ڪيس جي مک جوابدار افتخارلنڊ کي لهر نه لوڏو، گرفتار ٿيل ٻن جوابدارن ممتاز ۽ شفيق لنڊ کي خانپورمهر پوليس گهوٽڪي جي عدالت ۾ پيش ڪري 4 ڏينهن جو رمانڊ ورتو. متاثر ڊرائيور جي گمبٽ اسپتال ۾ بدستور حالت ڳڻتي جوڳي، وارثن مٿان خاموش رهڻ لاءِ دٻاءَ وڌو پيو وڃي. پي ٽي آءَ اڳواڻ وڏيري افتخار لنڊ ۽ سندس ساٿين پاران پورهيت ڊرائيور الهرکيو لنڊ کي تشدد ڪري ويهڪ واري جاءِ ۾ سيخ ٽپائي رتو رت ڪندڙ مک جوابدار افتخار لنڊ کي پوليس هن مهل تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي. جڏهن ته سندس منشين شفيق لنڊ ۽ ممتاز لنڊ کي خانپورمهر پوليس گهوٽڪي ۾ سيڪنڊ سول جج جڊيشنل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو۽عدالت چار ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ٻنهي جوابدارن کي خانپورمهر پوليس حوالي ڪري ڇڏي. تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻيل پورهيت ڊرائيور الهرکيو لنڊ جي پٽ زاهد لنڊ صحافين کي ٻڌايو ته پوليس هن مهل تائين مک جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي الٽو ڪجهه وڏيرا اسان کي ٺاهه لاءِ دٻاءَ وجهي رهيا آهن ،زاهد لنڊ چيو ته بابا الهرکيو جي حالت خراب ٿي وئي آهي اسين صدمي ۾ آهيون ٺاهه جي ڳالهه ڪري اسانجي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو