لغاري برادري جو اينٽي انڪروچمينٽ پوليس خلاف احتجاج

نوشهروفيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي )نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ مکڻ لغاري جي رهواسي لغاري برادري جي ماڻهن پاران ضلعي انتظاميه جي ٻه اکيائي ۽ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس زيادتين جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي غلام حسين لغاري ، مظهر ، الهڏتو ، قائم الدين ، علي گل لغاري ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا جن نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته گذريل ڏينهن ايگريڪلچر ، روينيو جي عملدارن اينٽي انڪروچمينٽ ۽ نوشهروفيروز پوليس سال ڪري اسان جي سارين جي ٻيجاري کي ساڙي اسان کي وڏو نقصان ڏنو آهي جن علائقي جي بااثريعقوب وڳڻ جي چوڻ تي اهڙي ڪاروائي ڪئي جيڪا وڏي زيادتي آهي هنن چيو ته اسان جي آس پاس سوين ايڪڙن تي بااثر يعقوب وڳڻ سميت ٻين جو ٻيجارو بيٺل آهي جنهن کي عملدارن رشوت وٺي ڪري ڇڏي ڏنو آهي صرف ئي صرف اسان بي پهچ ماڻهن جو نقصان ڪيو ويو آهي اسان وٽ ٻيو ڪوبه فصل نه ٿو ٿئي جنهن ڪري اسان فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين جيڪڏهن سرڪار ڳولي ڳولي غريبن جو نقصان ڪري ۽ بااثرن کي رشوت عيوض ڇوٽ ڏئي ته پوءِ اسان ان مان ڇا سمجهون ته سرڪاري عملدارن وٽ غريبن هڪ ۽ بااثرن لاءِ ٻيو قانون آهي هنن مطالبو سندن ٿيل نقصان جو ازالو ڪرائي وڃي يا ته وري هڪ قانون تحت سڀني جو ٻيجارو ساڙايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج کي وسيع ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو