لاڪ ڊائون، دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ گهريلو تشدد ۾ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ لاڪ ڊائون سبب اڪثر ملڪن ۾ گهريلو تشدد ۾ واڌ ٿي وئي آهي. برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب برطانيا، فرانس، اٽلي ۽ يورپ ڪجهه ٻين ملڪن گهريلو تشدد م 30 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ٿي آهي. سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۽ تنظيمين جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته زال مڙسن ۾ ناراضگي، تشدد، علحدگي جا ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن. برطانوي اخبار گارجين چين ۾ مقامي تنظيمن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته چين ۾ گهريلو تشدد جي واقعن ۾ ٽيڻ تي اصافو ٿي ويو آهي. برازيلين ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته برازيل ۾ به تشدد م اضافو ٿيو آهي. پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيندڙ پوسٽن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته لاڪ ڊائون سبب گهر ۾ ويهڻ سبب ماڻهن ۾ چڙ چروپن وڌيو آهي جنهن سبب تشدد جا واقعا به وڌيا آهن پر ان ڏس ۾ سرڪاري يا غير سرڪاري طور انگ اکر سامهون ناهن آيا.

پهنجو تبصرو موڪليو