لاڙ ۽ ديوان شگر ملز عدالتي حڪم ٿڏي ڇڏيو،رهتون ادا نه ٿيون

چوهڙ جمالي)ناشاد ملاح( اومني گروپ جي لاڙ شگر مل ۽ ديوان شوگر مل جي بااثر مالڪن سپريم ڪورٽ جي حڪم کي پٺي ڏيئي سال 2017/18 جي ڪمند جي اگھ 160 روپيه مڻ جي فرق واري رقم 30 روپيه اڃان تائين ادا نه ڪري سگهيون آھن جنهن جي ڪري مقامي آبادگارن جا فرق جا ڪروڙين روپيه ٻنهي شوگر ملن تي بقايا رهجي ويا آھن جيتوڻيڪ شاهمراد شوگر مل آبادگارن کي فرق جا 30 روپيه ڪيترو وقت اڳ ادا ڪري ڇڏيا آھن پر لاڙ شوگر مل ۽ ديوان شوگر مل جي مالڪن ناانصافي جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن ۽ مقامي آبادگارن کي رهتون ادا نه ڪيون آھن. ان حوالي سان شاهبندر تعلقي جي آبادگارن سهيل خان جمالي , يوسف جمالي , لياقت جمالي , حاجي نصير پنجابي , حڪيم جمالي , سانوڻ گبول ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته شگر ملن کي بند ٿيندي 6 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آھي پر اسان کي اڃان تائين بقايائون ادا نه ڪيون ويون آھن. هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته لاڙ شگر مل ۽ ديوان شگر مل تي فرق جي 30 روپين سميت رهيل بقايائون وٺرائي ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ مل انتظاميه خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو