ايڊز ڦهلائڻ جي الزام ۾ ڊاڪٽر گرفتار، پوليس جي آءِ ٽي قائم

لاڙڪاڻو (ن س) لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ايڊزجا 40 ڪيس سامهون اچڻ بعد عطائي ڊاڪٽر گرفتار، وڌيڪ جاچ لاءِ پوليس جي آءِ ٽي جوڙي ورتي. صحت کاتي پاران رتوديرو ۾ ايڊز وائرس پکيڙڻ جو ذميوار قرار ڏنل ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو، پاڻ ايڊز جو مرض آهي، کيس 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. عدالت ۾ پيشي بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر گهانگهرو چيو ته کيس اها خبر نه هئي ته هو پاڻ ايڊز جو مريض آهي، جيڪڏهن خبر هجي ها ته هو پنهنجو علاج ڪرائي ها. رتوديرو ۾ ايڊز بابت صحت کاتي جي آفيسرن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڊاڪٽر گهانگهرو اڪثر ڪري ڊرپ ۽ انجيڪشن هڻن وقت سئي ساڳئي استعمال ڪندو هو. هوڏانهن جاچ لاءِ ڊي آءِ جي عرفان بلوچ پاران جوڙيل جي آءِ ٽي جو سربراهه قمبر جي ايس ايس پي ڪامران نواز کي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش ۽ اي ايس پي سٽي محمد ڪليم ملڪ ۽ ايس ايڇ او رتوديرو ان جا ميمبر هوندا. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ چيو آهي ته انساني جانين سان کيڏندڙن ڊاڪٽرن کي ھر گز معاف نه ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو