لاهور ۾ ڊي آءِ جي شارق جمال جو اوچتو ۽ پراسرار موت

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ ڊي آءِ جي شارق جمال اوچتو پراسرار نموني فوت ٿي ويو.ذريعن موجب ڊي آءِ جي شارق جمال جو لاش رات دير سان لاهور جي علائقي ڊي ايڇ اي ۾ واقع سندس گهر مان مليو.ذريعن جو چوڻ آهي ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، فوت ٿيڻ وقت شارق جمال گهر ۾ اڪيلو هو.ذريعن موجب ڊي آءِ جي شارق جمال پنهنجي ٻن ملازمن کي ڪم لاءِ گهر کان ٻاهر موڪليو هو، جيئن ئي ملازم گهر پهتا ته هنن ڊي آءِ جي کي فوت ٿيل ڏٺو، جنهن بعد پوليس کي اطلاع ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ جي شارق جمال جو خاندان ٻئي گهر ۾ موجود هو.پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. شارق جمال انهن ڏينهن ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ڊي آءِ جي ريلوي به رهيو جڏهن ته هو انهن ڏينهن ۾ او ايس ڊي جي عهدي تي به رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو