لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ اٽي جو 10 ڪلو ٿلهو 1158 رپين ۾ بند ڪيو ويو.پنجاب جي خوراڪ کاتي موجب سستي اٽي جي وڪرو ۾ بي ضابطگين جا ثبوت مليا آهن، جنهن سبب ڪجهه ڏينهن لاءِ سستي اٽي جي ٿيلهي جو وڪرو بند ڪيو ويو آهي.پنجاب جي خوراڪ کاتي جو چوڻ آهي ته سستي اٽي جي وڪري کي عارضي طور تي روڪيو ويو آهي ته جيئن بي ضابطگين کي روڪي سگهجي.پنجاب جي خوراڪ کاتي جي ذريعن موجب حڪومت پاران مفت اٽي جي ورهاست سبب سستي اٽي جي فراهمي بحال نه ٿي سگهي آهي.سستو اٽي جو وڪرو بند ٿيڻ سبب شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هنن جو چوڻ آهي ته اڳ کين مفت بدران سستو اٽو ملندو هو، هاڻي سستو اٽو نه ملڻ سبب هو مهانگو ڪمرشل اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.شهرين جو چوڻ آهي ته حڪومت عوام کان ماني کائڻ جو حق به کسي ورتو آهي.










