لاهور: پيٽرول پمپ تي ڪار کي باهه لڳي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي علائقي تاج پور شاد باغ ۾ پيٽرول پمپ تي گاڏي کي باهه لڳي وئي.گاڏي جي مالڪ حاجي مقصود الزام هنيو آهي ته باهه عملي جي غلطي سبب پيٽرول وجهڻ سبب لڳي.هن چيو ته پيٽرول ڀرڻ دوران گاڏي جي انجڻ باقاعدگي سان بند ٿي وئي.حاجي مقصود جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪار ۾ منهنجو گهروارو موجود هو، هنن مشڪل سان پنهنجي جان بچائي.هن اهو به چيو آهي ته پيٽرول پمپ تي لڳل باهه وسائڻ وارا سمورا اوزار ناقص هئا، باهه لڳڻ سبب گاڏي مڪمل طور تي سڙي رک ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو