لاهور جي ويهڪ دبئي جي فيصلن تي مهر لڳائي: قريشي

ملتان (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته لاهور اجلاس دبئي جي فيصلن تي مهر لڳائي.ملتان ۾ شاهه محمود قريشي ضلعي ڪچهري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف اهم اسٽيڪ هولڊر آهي.هنن جو چوڻ آهي ته اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي، اليڪشن ايڪٽ 2017 جو سيڪشن 9 انتهائي مبهم آهي، ان تي 2 بزرگن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي باقي ڪنهن کي به خبر ناهي.شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وقت ٻڌائيندو ته اُٺ ڪهڙي پاسي آهي، مسلم ليگ ن عدم استحڪام جو شڪار آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدالتن مان رليف مليو آهي، حڪومت پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهي رهي آهي.شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو آهي ته لڳي ٿو حڪومت 90 وارين چونڊن کي اوليت ڏئي رهي آهي، اسرائيل جي ڳالهه کي مسخ ڪيو پيو وڃي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين جو اهو به چوڻ آهي ته اليڪشن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو