لالواڻي قتل ڪيس جي جوابدارن جا اعترافي بيان

لالواڻي قتل ڪيس جي جوابدارن جا اعترافي بيان

سکر (بيورو رپورٽ) صحافي اجي ڪمار لالواڻي قتل ڪيس جي جوابدارن رضا شاهه ۽ اڪبر مڱريو جا اعترافي وڊيو بيان سامهون اچي ويا آهن، جوابدار رضا شاهه جو چوڻ آهي ته 2014ع ۾ اجي ڪمار ۽ سندس ڪٽنب مندر مان چوري بعد اسان کي گرفتار ڪرايو، اجي ڪمار ڀاءُ کان 3 لک رپيا ورتا  هئا، واپس گهرڻ تي وياج خور قرار ڏنو ويو، اڪبر مڱريو جو چوڻ آهي ته اجي ڪمار کي قتل ڪرڻ لاءِ رضا  شاهه سان ڏيڍ لک ۾ معاملو طئه ٿيو، جوابدار رضا شاهه موجب پوليس گهرن تي چڙهايون ڪيون،  جنهن تي اجي ڪمار وارن تي  اسان کي ڪاوڙ هئي، جميل شاهه جي معرفت اڪبر مڱريو کي گهرائي ان کان اجي ڪمار کي قتل ڪرايو. مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته رضا شاهه سان ڪو جهيڙو نه هو،  قتل پٺيان ڳجها هٿ آهن، انصاف  ڪيو وڃي ۽ اصل قاتلن کي پڌرو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو