مورو (ن س)مورو لڳ قومي شاهراھ تي 2 ميل وٽ تيز رفتار لاهور کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ ۽ ڪار ۾ ٽڪرٿي پيو 4 عورتن ۽ ھڪ نينگر سميت 7 ڄڻا فوت ۽ 20 ٻيا زخمي ٿيا آهن. جن کي مورو پوليس ۽ موٽروي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مورو اسپتال ڏانھن منتقل ڪيو جڏھن مورو اسپتال اندر ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتئ جوڳي پڻ ٻڌائي پئي وڃي جن کي ترت علاج بعد . نوابشاھ ۽ سيوهڻ اسپتال پڻ منتقل ڪيو ويو آھي. ڪار سوار ڪشمور جي مختيار ڪار اعجاز ٻرڙوجو خاندان ٻڌايو پيو وڃي.
