اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻ طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪي سلامتي جي صورتحال تي غور ڪيو ويندو.ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪي سلامتي جي صورتحال بابت اهم فيصلن جو امڪان آهي.ذريعن موجب وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ سياسي ۽ فوجي قيادت ۽ وڏا وزير شرڪت ڪندا.










