قومي سروي جي اسٽاف لاءِ رقم جاري،عيد کان اڳ ادائگي لازم

سکر(رپورٽ جئي رام داس) بينظيرانڪم سپورٽ تحت ٿيل قومي سروي جي اسٽاف جي پگهارن لاءِ وفاقي حڪومت عورت فائونڊيسن جا پئسا جاري ڪري ڇڏيا، عيد کان اڳ ادائگي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. “نيشنل سوشو اڪنامڪ رجسٽري” واري سروي ۾ عورت فائونڊيشن کي سنڌ جا ٻارنهن ضلعن ۾ سروي جو ڪم مليو هو. جن ۾ عمر ڪوٽ، ٿرپارڪر، سانگهڙ، ميرپورخاص، بينظيرآباد، نوشهروفيروز، خيرپور، گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهداد ڪوٽ شامل آهن. هنن ضلعن ۾ تقريبن ساڍا چار هزار ملازمن سروي ۾ حصو ورتو هو. جن ۾ 3500 جي لڳ ڀڳ ڊيلي الائونس جي بنياد تي اسٽاف ڪم ڪيو هو. عورت فائونڊيشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته عيد ويجهو هجڻ ڪري ڊيلي الائونس وارن ملازمن کي روڪ رقم ادا ڪئي ويندي جڏهن ته ماهوار پگهار تي مقرر ڪيل اسٽاف کي ڪراس چيڪ ذريعي رقم اد ڪئي ويندي. سوشل موبلائيزر ۽ ٻيا جيڪي ماهوار پگهار تي ڪم ڪندڙ ملازم هئا، تن کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو مسلم ڪمرشل بئنڪ ۾ پنهنجو اڪائونٽ کولين يا بند پيل اڪائونٽ بحال ڪرائين جيئن کين فوري ۽ عيد کان اڳ رقم ملي سگهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 10 ڪروڙ کان مٿي رقم جاري ڪئي وئي آهي. جنوري کان مارچ تائين ٽن مهينن جون رهيل ادائگيون ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو