اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي اڄ ۽ سڀاڻي جي اجلاس جو ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي بجيٽ جي مجموعي منظوري جو امڪان آهي، جنهن ۾ 413 کرب کان وڌيڪ جي لازمي خرچن جي منظوري ڏني ويندي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ لازمي خرچن تي بحث ٿيندو، ووٽنگ نه ٿيندي.قومي اسيمبلي مختلف وزارتن جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ 133 ڊمانڊ فنڊز جي منظوري به ڏيندي.ٻئي طرف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کي چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ فريم ورڪ تي نظرثاني ڪري، پارليامينٽ طرفان بجيٽ جي منظوري کان اڳ اسٽاف سطح تي معاهدو ڪيو وڃي.
