قومي اسيمبلي جي 4 ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سميت 4 ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا. اسپيڪر اسد قيصر قومي اسيمبلي جي اڄوڪي ٿيندڙ اجلاس لاءِ مختلف ڪيسن ۾ گرفتار 2 وڏي اپوزيشن جماعتن جي 4 قومي اسيمبلي جي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا آهن. قومي اسيمبلي جي جن ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا آهن انهن ۾ آصف علي زرداري، شاهد خاقان عباسي، خواجه سعد رفيق ۽ خورشيد شاهه شامل آهن. اسپيڪر قومي اسيمبلي طرفان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو