اسلام آباد(بيورو)قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 4 وڳي ٿيندو، اجلاس جو ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي.ايجنڊا موجب ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل جنوري 2022ع ۾ مالياتي ۽ قرضن جي پاليسي پيش ڪندو، جڏهن ته وچ سال جي بجيٽ جي نظرثاني رپورٽ پڻ پيش ڪئي ويندي.ايجنڊا موجب رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال جنرل شماريات جي بحالي وارو آرڊيننس قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندو.اي او بي آءِ جي پينشن ۾ نه واڌ جو نوٽيس پڻ ايجنڊا ۾ شامل آهي.










