قومي اسيمبلي جا 4 سال، 174 ميمبر خاموش، بلاول ڀٽو وڌيڪ ڳالهايو: رپورٽ

قومي اسيمبلي جا 4 سال، 174 ميمبر خاموش، بلاول ڀٽو وڌيڪ ڳالهايو: رپورٽ

اسلام آباد: (بيورو) غير سرڪاري تنظيم پلڊاٽ موجوده قومي اسيمبلي جي 4 سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. جنهن موجب بلاول ڀٽو زداري سڀني کان وڌيڪ ڳالهائيندڙ ميمبر آهي.رپورٽ موجب موجوده قومي اسيمبلي گذريل 4 سالن دوران 155 بل پاس ڪيا. جڏهن ته ليگي حڪومت واري دور ۾ اسيمبلي ايتري ئي ٽائيم ۾ صف 125 بل پاس ڪيا هئا. ان دوران تحريڪ انصاف جي حڪومت واري دور ۾ 126 بل منظور ٿيا. جڏهن ته مسلم ليگ(ن) گذريل اسيمبلي ۾ 92 بل منظور ڪيا هئا. پلڊاٽ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت 4 سالن دوران گڏيل طور تي 72 آرڊيننس جاري ڪيا.جڏهن ته عمران خان بطور وزيراعظم اسيمبلي اجلاس ۾ صرف 34 ڀيرا شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف بطور مخالف ڌر جي اڳواڻ طور اسيمبلي اجلاس ۾ حاضري جي شرح 29 سيڪڙو رهي ۽ راجا رياض جي بطور اپوزيشن اڳواڻ حاضري جي شرح هينئر تائين 35 سيڪڙو آهي.رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جي چوٿين پارلياماني سال ۾ 29 ڀيرا ڪورم جي نشاندهي ٿي جنهن سبب 23 ڀيرا قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو. ياد رهي ته قومي اسيمبلي 12 آگسٽ تي پنهنجا 4 پارلياماني سال مڪمل ڪيا آهن. موجوده قومي اسيمبلي جي 4 سالن واري دور ۾ بلاول ڀٽو زرداري سڀني کان وڌيڪ ڳالهائيندڙ سياسي اڳواڻ بڻجي ويو.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري موجوده اسيمبلي ۾ تقريبن 2 ڪلاڪ جڏهن ته شهباز شريف هڪ ڪلاڪ 57 منٽ ڳالهايو. 342 جي ايوان ۾ 174 اسيمبلي ميمبرن اسيمبلي ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو. تحريڪ انصاف جا 84، ن ليگ 48 جڏهن ته پيپلز پارٽي جا 23 ميمبر ايوان ۾ بالڪل خاموش رهيا. گڏيل اجلاسن ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حاضري 50 سيڪڙو جڏهن ته شهباز شريف جي حاضري 75 سيڪڙو رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو