قومي اسمبلي ۾ جهيڙو، ميمبرن جون ماءُ ڀيڻ تي گاريون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي تقرير دوران حڪومتي ڌر جي ميمبرن جو هنگامون، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، پي ٽي آءِ جي ميمبر علينواز جون مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن کي ماءَ ڀيڻ جون ڪچيون گاريون  ڏيندي ليگي ميمبر روحيل اصغر کي ڪتاب هنيو، هڪٻئي تي الرو ڪندي ڌڪا ڏنا.  وفاقي وزير به احتجاج ۾ شامل، شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري، شيري مزاري سميت وفاقي وزير به احتجاج ڪندا رهيا ۽ تماشو ڏسندا رهيا، اسپيڪر اسد قيصر حڪومتي ميمبرن کي ايلاز ڪندو رهيو ته ماٺ ڪريو پر هنن سندس هڪ به نه ٻڌي.

Photo screen shot

مجبور ٿي اسپيڪر اجلاس معطل ڪيو. بعد ۾ هن کين سمجهايو ۽ ٻيهر اجلاس شروع ٿيو ته به حڪومتي ميبر گوڙ ڪندا رهيا. ليگي ايم اين اي شهباز شريف جي چوگرد گهيرو ڪري بيٺا ته ڪو مٿس حملو نه ڪري. پي ٽي آءِ جون عورتن به آپي مان باهر نڪري شور ڪنديون رهيون، ايوان م ايم اين ايز سيٽيون وڄائيندا رهيا ڄڻ ڪنهن اسٽيڊيم ۾ ميچ ڏسندا هجن.

پهنجو تبصرو موڪليو