قرض گهرڻ تان ايم پي اي لغاري ڌمڪيو ٿي ڏئي، باهوٽو

ڊرگھ بالا (جي ايم لنڊ بلوچ)  جوھي جي سياسي سماجي اڳواڻ غلام حيدر باهوٽو ۽ ٻين اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سجيلا منظور لغاري جي مرحوم مڙس ڊاڪٽر منظور حسين لغاري کي  23 سال اڳ اليڪشن دوران مان  پنهجي ذاتي زرعي زمين زرعي ترقياتي بئنڪ جوهي ۾ گروي رکي 4 لک کان وڌيڪ قرض ڏياريو جيڪو واپس ناهي ٿيو. هن چيو ته مرحوم جي گهرواري ڊاڪٽر  سجيلا منظور لغاري مون کا قرض بابت سڀ معلومات وٺڻ بعد هڪ لک رپيا قرض ڏنو آھي ۽ ھاڻ پئسن جي گهر ڪرڻ تان خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيو ملن ٿيو. هن چيو ته مجبور ٿي قيمتي زرعي زمين قرض جي ادائگي ڪرڻ لاء ڀڳڙ مٺ تي وڪرو ڪري ڇڏي آھي. ھن وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سجيلا لغاري کان رقم ڀرائي ڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو