اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي واقعي سان اربين مسلمانن جا جذبات مجروح ٿيا آهن.راجا پرويز اشرف چيو ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. سمورين رياستن کي اهڙي ڪارروائين کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو. اسلام سمورن مذهبن جي مڃيندڙن کي قدر جي گناهه سان ڏسي ٿو.هن چيو ته اسلام ۾ انتشار، بدامني، چڙ ڏياريندڙ ڪارروائين جي ڪابه گنجائش نه آهي. اسلاموفوبيا جي تدارڪ لاءِ مسلمانن کي يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. مسلمان پنهنجي مقدس ڪتاب جي بيحرمتي برداشت نه ڪندا.
