قديمي قبرستان کي چوديواري ڏياري قبضا هٽايا وڃن، شهري

لکي غلام شاھ (نثارمنگي) قديمي قبرستان لکي غلام شاھ تي قبضي خلاف ۽ قبرستان کي چوديواري ڏيارڻ لاءِ شهرين ۽ قبرستان بچايو ڪاميٽي  پاران ٽائون انتظاميه خلاف پرامن احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. قبرستان بچايو ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر نظير حسين ميمڻ سنڌيار سان ڳالھائيندي چيو ته اسان پنھنجي مدد پاڻ تحت شھر مان چندو گڏ ڪري رھيا آھيون سترنھن 17 ھزار ھن وقت جمع ٿي چڪا آھن جيترو ٿي سگھيو اسين ڪوشش ڪنداسين. ھنن وڌيڪ چيو ته قبرستان تي ڏينھون ڏينھن قبضه وڌندا ٿا وڃن اسين قبرستانن کي ھرصورت ۾ قبضا خورن کان بچائينداسين ۽ چوديواري ڏيارڻ لاءِ ڀرپور احتجاج ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو