قديمي قبرستان تي قبضي خلاف احتجاج، ڪاروائي جو مطالبو

ڇور(رپورٽ سروپ سنگهه سوڍو) شھر ۾ قائم ملاح برادري جي تمام قديمي قبرستان تي ڪجھ بااثرماڻھن پاران قبضوڪرڻ خلاف ملاح برادري طرفان ڇور پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. محمد اسماعيل ملاح، شھزاد، امداد نوازعلي ملاح، محمدعرس ۽ ٻين چيو تي اسان جو گذريل 70 سالن جو قديمي پراڻو قبرستان آھي جنھن تي ڪجھ بااثر ماڻھو زبردستي قبضو ڪري اڏاوت ڪري رھيا آھن، جيڪا اسان غريبن سان وڏي ناانصافي آھي. اسان اعلي اختيارين کان اپيل ڪريون ٿا تي فورن قبضو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو