قديمي قبرستان تي بااثر پاران قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

بوزدار وڏا (حسين ٽانوري) ڳوٺ اڪن خان چنا ۾ 1936 کان قديمي قبرستان تي بااثر ماڻهن پاران قبضي ڪرڻ جي ڪوشش خلاف ڳوٺاڻن جو بوزدار وڏا وٽ لنڪ روڊ تي مردن ۽ عورتن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن محمد علي چنا، مختيار چنا، غلام شبير چنا، مسمات مومل خاتون ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ڳوٺ جا بااثر ماڻهو قديمي قبرستان جنهن جي ايراضي 2 ايڪڙ 17 ويسا سروي نمبر 413 تي قبرستان ۾ بيٺل وڻن کي ڪٽي قبرستان جي زمين تي  قبضو ڪرڻ چاهين ٿا ڪيترائي ڀيرا منع ڪرڻ باوجود بااثر ماڻهو اسان کي موت مار ڌمڪيون ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ سميت خراب نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن ڊي سي خيرپور سميت وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته بااثر ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري قديمي قبرستان قبضي ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ قبرستان کي چوديواري پڻ ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو