قتل ڪيس ۾ 3 جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

ٺل (عبدالنبي شيخ) ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ٺل ڀرسان ڦر مزاحمت دوران قتل ٿيل ڳوٺاڻي جي ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.عدالت ۾ ڳوٺاڻي گُل نواز جعفري جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس گرفتار جوابدارن کي پيش ڪيو. عدالت ٻڌڻي بعد ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن بهاول عرف عطا محمد جعفري، عزيز الله جعفري ۽ رحمت جعفري کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته ٽنهي جوابدارن کي پنج پنج لک رُپيا ڏنڊ جي به سزا ڏني وئي آهي، جيڪا نه ڀرڻ جي صورت ۾ کين وڌيڪ هڪ  هڪ سال قيد ڪاٽڻو پوندو. واضح رهي ته جون 2013ع ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻي نواز جعفري کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو ڪيس ٺل جي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ٿيو ۽ پوءِ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. ڪيس ۾ 2 جوابدارن کي روپوش ڄاڻايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو