قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي عمر قيد جي سزا

خيرپور (ن س) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ لک لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، خيرپور ۾ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج گل ضمير سولنگي جي عدالت پيرڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مڱرجي ۾ 15 سيپٽمبر 2009 تي معمولي ڳالهه تان نوجوان سليم راهوجو کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هلائي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ ملوث جوابدار ڪامران راهوجو ۽ عمران راهوجو مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ هڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، جوابدارن کي پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرلجيل خيرپور اماڻيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو