قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر جي تعريف

قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر جي تعريف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قتل ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جتي هڪ پوليس آفيسر جي تعريف ڪئي وئي، ٻڌڻي دوران جوابدار آفتاب ۽ سندس وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيا، جڏهن ته، هن موقعي تي، عدالت هڪ پوليس آفيسر جي مڪمل وردي ۾ پيش ٿيڻ تي تعريف ڪئي.جسٽس عمر سيال پوليس آفيسر کان پڇيو ته توهان ڪهڙي فورس سان تعلق رکو ٿا؟ پوليس آفيسر جواب ڏنو ته مان اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ (ايس ايس يو) سان تعلق رکان ٿو.ان کان پوءِ جسٽس عمر سيال پڇيو ته ايس ايس يو ڇا ڪندو آهي؟ ڇا توهان وٽ سنيفر ڪتا به آهن؟ ان تي، پوليس آفيسر چيو ته ايس ايس يو جو ڪم اهم شخصيتن ۽ هنڌن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ آهي، ها، اسان وٽ هڪ سنيفر ڊاگ يونٽ آهي.عدالت پڇيو ته سنيفر ڪتن کي ڪيئن تربيت ڏني ويندي آهي؟ مون ٻڌو آهي ته منشيات سونگهڻ وارا ڪتا ٻيهر استعمال نه ٿيندا آهن؟ هڪ ڪتو جيڪو هڪ ڀيرو منشيات سونگهي ٿو ان ۾ فوري طور تي ٻيهر منشيات سونگهڻ جي صلاحيت ناهي هوندي؟ان تي، پوليس آفيسر جواب ڏنو ته تربيت يافته سنيفر ڪتا ٻاهرين ملڪن مان آندا ويندا آهن، سنيفر ڪتن کي ڪجهه وقت لاءِ آرام ڏنو ويندو آهي.عدالت پڇيو ته توهان ماڻهو سنيفر ڪتن کي ڪيئن رکندا آهيو؟ ان تي پوليس آفيسر جواب ڏنو ته سنيفر ڪتن لاءِ ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرا آهن ۽ انهن جو صحيح طرح سان خيال رکيو ويندو آهي.عدالت ۾ سرڪاري وڪيل چيو ته ايس ايس يو ۾ اسڪيٽنگ يونٽ پڻ آهي، فورس جي اهلڪارن اسڪيٽنگ دوران هٿيارن جي استعمال جي مشق ڪئي آهي.عدالت پوليس آفيسر جي تعريف ڪئي ۽ درخواست جي ٻڌڻي غير معینہ مدت تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو