مقتول ناري جي وارثن جو سچل پوليس خلاف احتجاج

ڪراچي( باغي ساگر پنھوار )  ڪراچي جي علائقي  سچل ڳوٺ ٿاڻي جي حد غازي ڳوٺ ۾ 14 سال اڳ قتل ٿيل ناري کنڊل شر جي وارثن جو سچل پوليس ۽ جوابدارن جي گرفتاري خلاف احتجاج،اعلي اختيارن کان قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو، تفصيل موجب،ڪراچي، سچل ڳوٺ ٿاڻي جي حد عبداللھ شاھ غازي ڳوٺ ۾ 14 سال اڳ ڏير ھٿان قتل ٿيل ناري کنڊل شر جي ڀائرن مجنون شر، ساجن، قادر بخش، محب، نور محمد شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عبداللھ شاھ غازي ڳوٺ چانڊيه چونڪ تي قتل ۾ ملوث جوابدار سانوڻ شر جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري سچل ڳوٺ پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي مقتولا کنڊل شر جي ڀاء مجنون شر صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته 2007 ۾ منھنجي ڀيڻ کنڊل شر کي سندس ڏير سانوڻ شر بيگناھ قتل ڪيو ھيو جنھن جي ايف آء آر اسان سچل ڳوٺ ٿاڻي تي داخل ڪرائي ھئي پر قتل کي 14 سال گزرڻ باوجود حد جي پوليس جوابدار سانوڻ شر کي گرفتار ناھي ڪيو ۽ نه ئي ڪيس جو چالان پيش ڪيو آھي، ھن الزام ھڻندي چيو ته سچل پوليس ڀيڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدار ڌر کان ويھ لک روپيه وٺي ڪيس کي لوڙھڻ چاھي ٿي، ھن وڌيڪ چيو ته قتل ۾ ملوث جوابدار سانوڻ شر، خميسو، گل حسن شر مونکي موتمار ڌمڪيون ڏين ٿا ۽ ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاء مسلسل دٻاء وڌو پيو وڃين، ڪيس ۾ ۾ مک جوابدار سانوڻ شر ھن مھل تائين رپوش آھي ۽ ھو اسان کي موتمار ڌمڪيون پيو ڏئي پر پوليس کيس 14 سال گزرڻ باوجود ھن مھل تائين گرفتار ناھي ڪيو، ھنن سپريم ڪورٽ، سنڌ ھاء ڪورٽ، آء جي سنڌ ۽ اعلي اختيارن کان قتل ۾ ملوث جوابدار سانوڻ شر کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏئي انصاف فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو