قتل جي ڏوهه ۾ جوابدار کي موت ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا

شهدادڪوٽ (ن س) ماڊل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي موت ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي . واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ بندوق  غير قانوني هجڻ ڪري 7سال قيد ۽ 20 هزار ڏنڊ جي وڌيڪ سزا به ٻڌائي، ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مهينا  قيد ڪاٽيندو، ياد رهي ته جوابدار 6 سال اڳ 2013  ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ نبي داد بروهي ۾ گهٽي جي ڳالهه تان  جوابدار عبدالله بروهي بندوق جا فائر ڪري لياقت علي بروهي کي قتل ڪيو هو جڏهن ته کيس بچائيندي ڀيڻ امام زادي به زخمي ٿي هئي جنهن جي فرياد  مقتول جي پيُءُ محمد اسحاق بروهي بي سيڪشن تي داخل ڪرائي هئي. عدالتي حڪم بعد  جوابدار کي لاڙڪاڻي سينٽر جيل منتقل ڪيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو