قبائلي تڪرارن ۾ سردار ۽ پوليس ملوث آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (ن س ) مدئجي ويجھو خوني تڪرار سبب فوت ٿي ويل 8 کان وڌيڪ ماڻھن جي قتل تي افسوس جو اظھار ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي پريس سيڪريٽري ڪاشف ملاح، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ آصف کوسي ۽ حسين سومري پنھنجي گڏييل پريس بيان ۾ چيو آهي تہ ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ سميت سنڌ جا خيرپورميرس، گهوٽڪي جا علائقا بيروت جو منظر پيش ڪن ٿا جنھن کي سامراجي قوتن جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي اترين علائقن کي پيپلز پارٽي جي بدترين حڪومتي دور ۾ جنگ جو ميدان بڻايو ويو آهي. سنڌ ۾ هر طرف دهشتگردي، بدامني، ڦرلٽ، چورين، اغوائن ۽ ڌاڙيلن جي دهشت جو راڄ قائم آهي. سنڌ پوليس ڌاڙيلن ۽ ڌاڙيلن جي سردارن جي سهولتڪار بڻيل آهي. اڳواڻن چيو تہ سنڌ ۾ ٿيندڙ قبائلي تڪرارن ۾ سردارن، پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جو وڏو هٿ آهي. سردارن جون اوطاقون ڌاڙيلن جون محفوظ پناهگاهون بڻيل آهن. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت گذريل 15 سالن جي ڊگهي اقتداري دور ۾ سنڌ کي فقط بدامني ۽ دهشتگردي جا تحفا ڏنا آهن. بدامني ۽ دهشتگردي کي ھٿي ڌيڻ کانسواءِ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ڪو بہ ڪم ناھي ڪيو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو آهي تہ سنڌ ۾ جرڳن خلاف قانونسازي ڪري جرڳا ڪندڙ ۽ ڌاڙيلن جي ساٿاري سردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو