اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسان کي قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.ڊاڪٽر عارف علوي يوم پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي معاشري ۾ اڻ برابري جي خاتمي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي ۽ سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو.هن چيو ته منهنجو پختو يقين آهي ته اسان پاڪستان کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکون ٿا، اتحاد، ايمان، نظم و ضبط سان ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائي سگهون ٿا. صدر چيو ته پاڪستان جي بانين جي جدوجهد ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، اڄ اسان کي قوم جي حيثيت سان پنهنجي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺڻ جي ياد ڏياري ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته چئلينجن باوجود مسلسل محنت ۽ قابليت سان وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون، اسان رياستي ادارا قائم ڪري پنهنجي دفاع کي ناقابل تسخير بڻايو.هن چيو ته اسان ايٽمي صلاحيت حاصل ڪئي، دهشتگردي ۽ ڪورونا تي ضابطو آندو، قدرتي آفتن دوران قرباني ۽ تعاون جي جذبي جو مظاهرو ڪيو.
