قائد عوام يونيورسٽي ۾ جهيڙو، 40 شاگردن تي ڪيس، احتجاج

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري)قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي نوابشاهه جي شاگردن پاران ايڊمن بلاڪ جي سامهون احتجاجي ڌرڻو هڻي يونيورسٽي انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو. احتجاجي شاگردن سرويچ ڪانڌڙو، زوهيب رند، امجد سبزوئي ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل ڏينهن يونيورسٽي ۾ شاگردن جو معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ 6 شاگرد زخمي ٿي پيا هئا ۽ يونيورسٽي انتظاميه زخمي شاگردن سميت ٻنهي ڌرين جي 40 شاگردن خلاف ڪيس داخل ڪري سخت نا انصافي ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته جن شاگردن حملو ڪيو ۽ هلندڙ ڪلاسن ۾ افرا تفري ڦهلائي انهن ڏوهارين سان گڏ جيڪي شاگرد متاثر ۽ زخمي ٿيا انهن کي جوابدارن ڄاڻائي نا انصافي ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته يونيورسٽي جو وائيس چانسلر چوي ٿو ته شاگردن سان ملڻ جو ٽائيم نه آهي، هو شاگردن جي ڪري وائيس چانسلر آهي ۽ صورتحال اها آهي جو اسان دروازي تي ررڙيون ڪري رهيا آهيون پر وائيس چانسلر ملڻ لاءِ تيار نه آهي هنن چيو ته شاگردن خلاف ايف آئي آر ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي. اسٽوڊنٽس ويفليئر آفيسر عطا محمد چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن شاگردن گلن جون ڪونڊيون ڀڳيون ۽ يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪيو ۽ وڌ ۾ وڌ نقصان اهو ڏنو جيڪي شاگرد پڙهندڙ آهن انهن جي پڙهائي ۾ خلل وڌو ۽ يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪيو آهي انهي جي ڪري هنن خلاف سيڪيورٽي آفيسر ايف آئي آر داخل ڪرائي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو