اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي معاهدي کانپوءِ عالمي ريٽنگ ايجنسي فِچ پاڪستان جي ريٽنگ کي ٽريپل سي ڪري ڇڏيو.پاڪستان جي درجه بندي ۾ بهتري جو سبب آءِ ايم ايف جي معاهدي سبب پاڪستان کي فنڊنگ تائين آسان رسائي آهي.ان حوالي سان ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته گلوبل ريٽنگ ايجنسي فچ پاڪستان جي ڊگهي مدي واري پرڏيهي ڪرنسي جي ريٽنگ کي اپ گريڊ ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته فِچ ڊگهي مدي واري ڪرنسي جي درجه بندي کي ASSURED DEFAULT RATING IDR کان ٽرپل سي تائين وڌايو آهي.اسحاق ڊار چيو ته معاشي بحالي جي تازي سفر مان اها هڪ ٻي مثبت خبر آهي، وزيراعظم، حڪومتي اتحادين، معاشي ٽيم ۽ قوم کي مبارڪون. ٻئي طرف معاشي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ ريٽنگ ايجنسيون پاڪستان جي ريٽنگ کي اپ گريڊ ڪنديون.
