اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿئي ٿي يا ناڪام ان ۾ باقي هڪ ڏينهن رهجي ويو آهي. جڏهن ته ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ عوام تحريڪ انصاف کي چونڊي ورتو آهي. پريس ڪانفرنس دوران وفاقي وزير اسد عمر چيو هو ته 3 سالن ۾ 55 کان 57 لک ماڻهن کي روزگار ڏنو ويو. 11 لک ماڻهن کي پرڏيهه ۾ نوڪريون ڪرڻ جا موقعا ڏنا ويا. ن ليگ کان تحريڪ انصاف جي روزگار جي سالياني شرح 82 سيڪڙو وڌيڪ آهي. نوجوانن کي روزگار جي فراهمي بابت اسان ڳالهه ڪئي ته ان جو مذاق اڏايو ويو. پاڪستان ۾ نوجوانن جي آبادي وڌيڪ آهي. اسان جي اولين ترجيح روزگار جي فراهمي رهي. جيستائين معيشت جي رفتار تيز نه ٿيندي روزگار جا موقعا نه ملندا.وفاقي وزير چيو ته اسان جي پاليسي سبب 2 سالن دوران زراعت ۾ ترقي ٿي. ڪڻڪ، چانور، پٽاٽن ۽ سمورين وڏين فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي. آبادگارن کي فصلن جون بهتر قيمتون به ملي رهيون آهن. تحريڪ انصاف چانورن تي 900 روپيه مڻ جو اضافو ڪيو آهي. فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل جون مشينون وڪامي رهيون هيون، هاڻ فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ۾ ماڻهو گهٽ ٿي ويا آهن. ن ليگ 5 سالن دوران صرف 100 روپيه في مڻ جو اضافو ڪيو. فيصل آباد ۾ ڪجهه وقت اڳ هڪ لوهه جي سريئي جي اگهه ۾ مشينري وڪرو ٿي رهي هئي. جيڪو واعدو ڪيو هو ان جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. اسد عمر چيو ته سموري دنيا ڪورونا جي وبا ۾ آئي، اسان مشڪل وقت ۾ بهتر فيصلا ڪيا، 2 سالن دوران اسان 32 لک روزگار جا موقعا ڏنا، ڪورونا جو جهڙي طرح اسان مقابلو ڪيو. ان جي سموري دنيا تعريف ڪئي.اسد عمر وڌيڪ چيو ته هڪ سياسي ڊرامي سبب غير يقيني واري صورتحال کان پوءِ ڇا ٿيندو ان جي ڪابه خبر ناهي. جيڪڏهن ساڳيون پاليسيون 5 سالن تائين هلنديون رهيون ته هڪ ڪروڙ نوڪرين جي ويجهو پهچي وينداسين. اسان جي ڊي پي گروٿ ڏسي رهيا هئاسين. پاڪستان جي قوم پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لاءِ تيار رهي. اين سي او سي ۾ چئلينج مليو ته ماڻهن جو روزگار به هلائڻو آهي ۽ صحت جو به خيال رکڻو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ بيروزگاري 8.8 پنجاب 6.6، سنڌ 3.9 ۽ بلوچستان ۾ 4.3 سيڪڙو رهي. صنعتي شعبي ۾ روزگار ۾ اضافو ٿيو. صنعتي شعبي ۾ 25 لک کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. 3 سالن دوران صنعتي شعبي ۾ 18 لک روزگار جا موقعا پيدا ٿيا.ان کان اڳ اسد عمر ٽوئيٽ ۾ لکيو هو ته خيبرپختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي وڏي ڪاميابي ملي آهي. ٽوئيٽر تي اسد عمر پوسٽ ۾ لکيو ته خيبرپختونخواهه جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي مليل وڏي ڪاميابي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته قوم پنهنجي غيرتمند اڳواڻ سان گڏ بيٺل آهي.










