فوڊ ڪرپشن ڪيس 5 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ جي خوارڪ کاتي ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ احتساب عدالت اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر سوڌو 5 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جوابدارن پنهنجو ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جوابدارن ۾ اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽررفيق احمد راڄپر ۽ ڊي ايف سي اشرف ڪيريو سوڌو ٻيا شامل آهن، جوابدارن جي خلاف 19 ڪروڙ 70 لک 84 هزار 336 روپين جو ريفرنس داخل ٿيل آهي، رفيق احمد راڄپر گرفتار جڏهن ته ٻيا ضمانت تي آزاد آهن، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 25 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو