فوڊ اٿارٽي جا ڇاپا، ملاوٽي دڪاندارن ۽ هوٽلن تي ڏنڊ

پکو (عبدالوحيد ميئو) فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي ٽيم جا ھوٽلن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي دڪانن تي ڇاپا،  غير معياري شيون ھٿ ڪري انهن کي ضايع ڪيو ويو ۽ دوڪاندارن تي ڏنڊ وڌو ويو.  فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر مسعود علي ڀٽو ۽ محبوب علي ڀٽي جي اڳواڻي ۾ پوليس ساڻ ڪري شھر جي مختلف ھوٽلن، کاڌي پيتي جي اسٽالن ۽ دوڪانن تي اوچتو ڇاپا ھڻي وڪري لاءِ رکيل کاڌي پيتي جي شين جي چڪاس ڪئي. ٽيم جي پھچڻ سان ملاوٽي واپارين ۽ ھوٽل مالڪن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ رکيل ملاوٽي شين ۽ کير کي ھاريو ويو ، فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن شھر جي ھوٽلن تي وڃي کير جا سيمپل وٺي چڪاس ڪئي ته کير ۾  ڪيميڪل پائوڊر مليل ھئڻ جي تصديق تي ھوٽل مالڪن مٿان ھزارين روپيه ڏنڊ وڌو ويو.

جڏھن ته شھر ۾  وڪرو ٿيندڙ  مشروبات جي شاھزيب ايجنسي تي پڻ ڇاپو ھنيو ويو جتي پڻ غير معياري بوتلون ھٿ اچڻ تي ايجنسي مالڪ تي ڏنڊ لڳايو ويو. ٻئي طرف شھر ۾ عام واھپي جي شين کاڄرو تيل،  پڪوڙا ۽ ٻين شين جي اسٽالن تان پڻ سيمپل ورتا ويا جتان پڻ غير معياري کاڄرو تيل ھٿ آيو ۽ ملوث دوڪاندارن مٿان ڏنڊ وڌو ويو. ھوڏانھن فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر مسعود علي ڀٽو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھوٽلن تي ھلندڙ کير ۾ ڪيميڪل استعمال ڪري چانھن وڪرو ڪئي پئي وڃي جيڪا انساني صحت لاء تمام نقصانڪار آھي. هي ڪيميڪل مختلف معدي ۽ پيٽ جي بيمارين جو سبب بڻجي رھيو آھي. منافعي خور ھوٽل مالڪ ۽ واپاري عام واھپي جي شين ۾ ملاوٽ ڪري ماڻھن کي موت جي منھن ۾ ڌڪي رھيا آھن . اھڙي عمل خلاف فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي کاتو تحرڪ ۾ آھي قمبر ضلعي جي ڪنھن به شھر ۾ ملاوٽي شين جي وڪرو جي اجازت نه ڏبي ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو