فوج تي الزام بازي ڪندڙن سان سختي سان پيش اينداسين

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) اربع ڏينهن آرمي چيف سيد عاصم منير ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر هڪ مخصوص سياسي جماعت ۽ ڪجهه فردن پاران پنهنجي سياسي مفادن لاءِ فوج تي سياست ۾ مداخلت جي لڳايل الزامن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي اهڙن تخريبي ڪردارن سان سختي سان پيش اچڻ جو اظهار ڪيو. جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف آصف زرداري کي صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن صدر جي مدي دوران ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. ملاقات دوران آرمي چيف صدر کي دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي جاري آپريشنز بابت آگاهه ڪيو ۽ روايتي خطرن خلاف آپريشنل تيارين بابت بريف ڪيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف ترقياتي ڪمن ۾ خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي علائقن ۾ فوج جي تعاون بابت پڻ صدر کي آگاهه ڪيو. ان دوران صدر فوج جي ڪردار جو اعتراف ڪندي چيو ته رياست جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ ۾ فوج جو ڪردار اهم رهيو آهي. صدر ملڪي ترقي ۾ فوج جي ڪردار جي به ساراهه ڪئي. ان موقعي تي هن شهيدن ۽ سندن مائٽن کي خراج پيش ڪندي چيو ته پوري قوم سندن قربانين جو قدر ڪري ٿي. بيان جي آخر ۾ چيو ويو آهي ته ”ملاقات پاڪستان ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي جي قدرن کي برقرار رکڻ لاءِ يڪجهتي واري عزم تي پڄاڻي تي پهتي“ .

پهنجو تبصرو موڪليو