فوجي عدالتن مان سزا يافته 196 مجرمن جي آزادي وارو حڪم معطل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن طرفان سزا ٻڌايل 196 مجرمن کي پشاور هاءِ ڪورٽ پاران آزاد ڪرڻ وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ابتدائي سماعت بعد ڌرين کي نوٽيس جاري ڪرن جو به حڪم ڏنو. دهشتگردي جي مختلف الزامن هيٺ فوجي عدالتن پاران 196 دهشتگردي جي ملزمن کي موت ۽ عمر قيد جون سزائون ٻڌايو ويون هيون. جيڪي پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس وقار احمد سيٺ جي سربراهي ٻه رڪني بينچ معطل ڪيون هيون. حڪومت پشاور هاءِ ڪورٽ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي هئي. ٻ+ڻي دوران عدالت پڇو ته ملزم ڪٿي آهن، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته جيل م آهن. جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائل کانپوءِ جوابدارن کي سزا آئي هئي، هر ڪيس جا پنهنجا ثبوت ۽ حقيقتون آهن، ڪيس جي ٻڌڻي جمعي تي ٻيهر ٿيندي. ياد رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ 16 جون تي فوجي عدالتن پاران ڏنل سزائون ناڪافي شهادتن جي بنياد تي معطل ڪندي 196 ملزمن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 104 ٻين جوابدارن بابت رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو