فوجي سربراهن جي ملازمت ۾ واڌ جا بل اسمبلي مان منظور،سينيٽ ۾ پيش

فوجي سربراهن جي ملازمت ۾ واڌ جا بل اسمبلي مان منظور،سينيٽ ۾ پيش

اسلام آباد (اياز مهر) فوجي سربراهن جي مدت ملازمت ۾ واڌ بابت قانونن ۾ ترميم جا بل قومي اسمبلي منظور ڪري ڇڏيا آهن. آرمي ايڪٽ 1952، نيوي آرڊيننس 1961 ۽ ايئرفورس ايڪٽ 1953 ۾ ترميم بابت قائمه ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪرڻ بعد دفاع واري وزير پروز خٽڪ بل پيش ڪيا. هن پيپلز پارٽي کي ترميمون واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي نويد قمر چيو ته موجوده حالتن سبب اسين ترميمون واپس ٿا وٺون. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان به ايوان ۾ موجود هو. شق وار ترميمي بلن جي منظوري شروع ٿي ته جميعت علما اسلام (ف) جماعت اسلامي ۽ فاٽا جي محسن داوڙ ۽ علي وزيرن نو نو جا نرا هڻندي بلن جي مخالفت ڪئي ۽ ايوان مان احتجاجي طور واڪ آئوٽ ڪيو. قومي اسمبلي مان بلن جي منظوري بعد هي بل ايوان بالا سينيٽ ۾ پيش ڪيا ويندا ۽ سينيٽ جي قائمه ڪميٽي ۾ موڪليا ويندا. جنهن بعد سينيٽ مان منظور ڪيا ويندا. ٻنهي ايوانن مان منظوري بعد صدر کي پيش ڪيا ويندا ۽ صدر جي صحيح بعد هي قانون لاڳو ٿي ويندا. جنهن بعد ان جي روشني ۾ وزيراعظم آرمي چيف جي مدت ۾ 3 سالن تائين واڌ جي سمري صدر کي موڪليندو. ياد رهي ته 28 نومبر تي آرمي چيف جي مدت پوري ٿي وئي هئي پر سپريم ڪورٽ حڪومت پاران بيان حلفي جمع ڪرائڻ بعد آرمي چيف جي مدت ۾ 6 مهينا واڌ ڪندي چيو هو ته هو ان عرصي ۾ قانون سازي ڪري. ان کان اڳ پرويز خٽڪ ۽ اعظم سواتي بلاول ڀٽو جي چيمبر ۾ ويا ۽ کيس ترميمون واپس وٺڻ لاءِ چيو. بلن جي منظوري بعد اسپيڪر اجلاس جي ڪاروائي اربع تي شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. حڪومت بعد ۾ ايوان بالا سينيٽ ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن جي مدت ملازمت ۾ واڌ جا قومي اسمبلي مان منظور ڪيل بل پيش ڪيا. پارليماني معاملن جي وزير اعظم سواتي اهي بل پيش ڪيا. جنهن بعد ايوان جي ڪاروائي اربع ڏينهن 3 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو