فوجي ٺڪاڻن تي حملن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلندا: وزيراعظم

فوجي ٺڪاڻن تي حملن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلندا: وزيراعظم

لاهور (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته فوجي اڏن تي حملن جا ڪيس فوجي عدالت ۾ قانون موجب هلايا ويندا.لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اهم سياسي شخصيتن ۽ چئني صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سمورن صوبن جي نمائندن ۽ وفاقي آفيسرن به شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ پنجاب حڪومت پاران 9 مئي جي گرفتارين ۽ ڪاررواين جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.وزيراعظم شهباز شريف کي وفاقي حڪومت جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي، ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال تي به مشاورت ڪئي وئي.اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 9 مئي تي عمران نيازي جي حڪم تي سندس گروپن دهشتگردي ڪئي، عمران نيازي اهو ڪيو جيڪو دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو، 9 مئي تي عمران نيازي جي قيادت ۾ عوام دشمن قوتون برداشت ڪندي رهندي.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته شهري تنصیبات تي حملن ۾ ملوث ماڻهن جا ڪيس دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ هلايا ويندا ۽ فوجي تنصيبات تي حملن جا ڪيس فوجي عدالت ۾ قانون موجب هلايا ويندا.وزيراعظم چيو ته 9 مئي جي واقعن جي رٿابندي ڪندڙ به قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندا، اشتعال انگیزي، نعريبازي ۽ ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث ڪنهن کي به نه بخشيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو