فواد چوڌري پاران چونڊن جو مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊون ناهن ٿيون ته اهڙين چونڊن جو ڇا مطلب آهي؟ مون کي گرفتار ڪيو ويو ته اليڪشن تان دستبردار ٿي. هن وڌيڪ لکيو ته اسان جي ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ گرفتار ڪيو ويو، اسان جا نامزدگي ڪاغذ بنا جواز رد ڪيا ويا، منهنجي ڀاءُ جا دستاويز منظور ڪيا ويا ۽ کيس نيب ۾ منهنجو شريڪ جوابدار بڻايو ويو.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجا فرض نڀائڻ ۾ بری طرح ناڪام ٿي وئي آهي، اهڙي صورتحال ۾ منهنجو گروپ چونڊن جي مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو