فواد چوڌري جي سندس ڀاءُ فيصل چوڌري سان ٿيل ڳالهه ٻولهه ليڪ

فواد چوڌري جي سندس ڀاءُ فيصل چوڌري سان ٿيل ڳالهه ٻولهه ليڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري جي ڀاءُ فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ سان ٿيل ڳالهه ٻولهه جو مبينا آڊيو ليڪ سامهون اچي ويو آهي.مبينا آڊيو ليڪ ۾ فواد چوڌري ٻن ججن کي پنهنجي ڀاءُ سان ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.فواد چوڌري چئي رهيو آهي ته ساڻن ملاقات ڪريو، کين ٻڌايو ته سڄي ٽرڪ اوهان سان گڏ بيٺي آهي، کين ٻڌايو ته ڇا ڪجي.فواد چوڌري فيصل چوڌري کي مخاطب ٿيندي چيو ته منهنجي ذاتي تجويز آهي ته تارڙ تي ٽن يا چئن هنڌن تي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مٿس 228 لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن مٿس دٻاءُ هجي.اهو فيصل چوڌري چيو ته مان صبح جو ڪندس، فواد چوڌري چيو ته صبح جو ان کان پڇو ۽ ٻڌايو.

پهنجو تبصرو موڪليو