فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا

فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا

لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايوب ڪالوني جي رهواسڻ فنڪاره ثمينه سنڌو جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي قاتل کي 2 ڀيرا عمرا قيد جي سزا ڏني. اي ٽي سي ڪورٽ جي جج احمد لقمان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار طارق جتوئيءَ کي 2 ڀيرا عمر قيد ۽ 50 هزار رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. جڏهن ته 13 ڊي جي ڪيس ۾ ساڳئي جوابدار کي 5 سال قيد ۽ 10 هزار رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. واضح رهي ته 2018ع ۾ لاڙڪاڻي ڀرسان ڪنگا ڳوٺ ۾ شاديءَ جي تقريب دوران فنڪاره ثمينه سنڌو راڳ ڳائي رهي هئي ته جوابدار سرِعام فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. مقتوله جي مڙس عاشق علي سمون جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدار طارق علي ولد محمد يوسف جتوئيءَ کي گرفتار ڪيو هو جنهن تي عدالت ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو