فلپائن جي جزيري منڊاناؤ ۾ 7.8 شدت جو زلزلو، 15 ڄڻا فوت، عمارتون ڊهي پٽ

فلپائن جي جزيري منڊاناؤ ۾ 7.8 شدت جو زلزلو، 15 ڄڻا فوت، عمارتون ڊهي پٽ

منڊاناؤ (ويب ڊيسڪ) فلپائن جي جزيري منڊاناؤ ۾ 7.8 شدت جي زلزلي کانپوءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي. جزيري منڊاناؤ جي ويجهو 7.8 شدت جو هي زلزلو مقامي وقت موجب صبح جو تقريبن 7:40 وڳي آيو. خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب، 7.8 شدت جي زلزلي سبب 15 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پيون آهن. فلپائن جي ويجهو سمنڊ ۾ ايندڙ طاقتور زلزلي کانپوءِ ايشيا جي مختلف حصن ۾ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي. انڊونيشيا جي اتر-اڀرندي (شمال مشرقي) ساحلي علائقن لاءِ به سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي. سونامي وارننگ سينٽر خبردار ڪيو آهي ته فلپائن جي ساحلي علائقن ۾ 3 ميٽرن تائين اوچيون لهرون اچي سگهن ٿيون، جڏهن ته انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي ڪجهه حصن ۾ 1 ميٽر تائين لهرن جو امڪان آهي.اختيارين خطرناڪ لهرن جي خدشي سبب الرٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ ساحلي علائقن ۾ رهندڙ شهرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو