ممبئي(ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور اداڪار شاهه رخ خان ۽ دپيڪا پڊڪون جي نئين فلم پٺاڻ سڄي دنيا م ڌوم مچائي ڇڏي ۽ رليز جي پهرين ڏينهن ئي 100 ڪروڙ ڀارتي روپين يعني 13 ملين ڊالرز جو بزنيس ڪيو. هن فلم اواتار 2 جي 10 ملين ڊالر بزنيس جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو. شاهه رخ خان جنهن کي بالي ووڊ جو بادشاهه سڏيو ويندو آهي هن فلم سندس بادشاهت تي نئون ٺپو هڻي کيس امر ڪري ڇڏيو. فلم پٺاڻ هندوستان سميت دنيا جي 100 ملڪن ۾ مختلف بولين م هڪ ئي وقت رليز ٿي آهي. 57 ڪروڙ جو بزنيس ڀارت ۽ 43 ڪروڙ جو دنيا جي ٻين ملڪن ۾ هڪ ڏينهن ۾ بزنيس ڪيو. ڀارت ۾ ورڪنگ ڊي دوران جاري ٿيندڙ هي پهرين فلم آهي جنهن هڪ ڏينهن ۾ ايترو وڏو بزنيس ڪيو آهي. يش راج فلمز جي ٺاهيل هي فلم دنيا ۾ 8 هزار اسڪرينن تي ڏيکاري وئي جنهن مان ساڍا پنج هزار اسڪرين ڀارت م آهن. اڄ 26 جنوري تي ڀارت ۾ موڪل آهي ۽ ٻن ڏينهن جو هن فلم جو بزنيس هڪ نئون رڪارڊ هوندو.
