فلسطينين تي اسرائيل جي دھشتگردي خلاف احتجاج

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)مٺياڻيء ۾ مظلوم فلسطينين جي قتل خلاف نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاھرو , اسرائيل جي دھشتگرديء خلاف سخت نعريبازي . جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي مٺياڻي ( جيڪ ) جي سڏ تي عام شھرين سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران سنڌڙي چوڪ مٺياڻيء تي نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو , احتجاجي مظاھري کي سينئر صحافي ۽ سماج سڌارڪ لالا حسن پٺاڻ , ايس ٽي پي اڳواڻ حبيب مشوري , عتيق الرحمان قريشي ,مولوي بشير سولنگي ۽ رانا اڪرام الله ڳالھائيندي چيو ته مظلوم فلسطينن جي قتل تي خاموش نٿا ويھي سگھون , ھنن اسرائيل جي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪندي کين حقيقي دھشتگرد قرار ڏنو ۽ گڏيل قومن کان پڻ اسرائيل کي دھشتگرد قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو , آخر ۾ ھنن انساني حقن لاء جاکوڙيندڙ دنيا جي سڀني تنظيمن ۽ انسانيت جو درد رکندڙن کان مظلوم فلسطينن جي قتل خلاف آواز اٿارڻ جو مطالبو ڪيو آھي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو