فريال ٽالپر9 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي، سب جيل ۾ رهندي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيب فريال ٽالپور کي ڇنپر تي احتساب عدالت جي جج محمد ارشد ملڪ جي عدالت ۾ پيش ڪري 9 ڏينهن جو سندس جسماني رمانڊ ورتو آهي . نيب جمع تي هن جا جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي سندس گهر کي سب جيل قرار ڏئي نظربند ڪيو هو. جمع تي نيب جي 5 رڪني ٽيم جنهن ۾ عورت اسٽاف به شامل هو گهر ۾ کائنس ابتدائي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. هوءَ پنهنجي گهر ۾ ئي رهندي جنهن کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي. 9 ڏينهن تائين نيب کائنس پڇا ڳاڇا ڪري سگهندي. نيب جي ذريعن موجب هن ڪجهه سوالن جا جواب ڏنا ۽ ڪجهه سوالن بابت هن چيو ته وڪيل سان مشوري بعد جواب ڏيندي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته حڪومت اخلاقيات جا سڀ ليڪا لتاڙيندي گهٽيا حرڪتن تي لهي آئي آهي ۽ بجيٽ ۾ ڪيل مهانگائئي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ۽ بجيٽ جي منظوري کي يقيني بنائڻ لاءِ بليڪ ميلنگ شروع ڪئي آهي. هن چيو ته بجٽ ۾ مهانگائي جي طوفان تي احتجاج کان روڪڻ لاءِ اپوزيشن کي ٽارگٽ ڪيو آهي. هوڏانهن سابق صدر آصف علي زرداري کي دل جي تڪليف سبب راولپنڊي جي دل جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٽيسٽ بعد رپورٽ ۾ سندس ٻه شريانن جي معمولي بند هئڻ جي رپورٽ سامهون آئي، جنهن بعد کيس نيب ٽيم واپس وٺي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو