فروغ نسيم 2 ڏينهن بعد ٻيهر وفاقي وزير طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جو اڳواڻ فروغ نسيم 2 ڏينهن بعد ٻيهر وفاقي وزير جو حلف کڻي ورتو آهي. وفاقي دارالحڪومت اسلام آباد ۾ حلف برداري جي تقريب منعقد ٿي جتي ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي فروغ نسيم کان حلف ورتو. حلف برداري کان پوءِ تحريڪ انصاف جي حڪومتي اتحادي ايم ڪيو ايم جي ميمبر فروغ نسيم هڪ دفعو ٻيهر وفاقي ڪابينه جو حصو بڻجي ويو. واضح رهي ته ڊاڪٽر فروغ نسيم سپريم ڪورٽ ۾ آرمي چيف جي ملازت جي مدي ۾ واڌ متعلق ڪيس جي پيروي جي سلسلي ۾ وزير قانون جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي. 26 نومبر تي پريس ڪانفرنس ۾ ريلوي وزير شيخ رشيد ٻڌايو هو ته وزير قانون ڪابينه اجلاس ۾ پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪئي جنهن کي منظور ڪيو ويو آهي. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته فروغ نسيم قمر جاويد باجوه جو ڪيس وڙهندو ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحادي وزير ۽ پاڪستان جي وزير قانون جي حيثيت سان عمران خان ۽ ان جي ڪابينه لاءِ وڏيون خدمتون ڏنيون آهن. استيفيٰ منظور ٿيڻ کان پوءِ فروغ نسيم 27 نومبر تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو هو ۽ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت ڪيس ۾ اٽارني جنرل سان گڏ موجود رهيو. اهڙي طرح 28 نومبر تي به عدالت ۾ موجود رهيو ۽ پاڪستان بار ڪائونسل ان جو لائسنس به بحال ڪيو هو ان کان پوءِ هن ٻيهر پاڪستان بار ڪائونسل کان استعيفيٰ ڏني. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي واري واڌ بابت 3 ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن بعد مهينن لاءِ مشروط آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ڏيڻ جي منظوري ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو