اسلام آباد (بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته شرپسندن جي ڪاررواين سبب پي ٽي آءِ ڇڏيان پئي،هن چيو ته عمران خان جو ايجنڊا پاڪستان لاءِ زهر قاتل بڻجي ويو آهي، عمران خان ۽ پاڪستان گڏ نه ٿا هلي سگهن، هو ماڻهن کي ٽشو پيپر وانگر استعمال ڪن ٿا ۽ پوءِ اڇلائي ڇڏين ٿا، هي سندن پسنديده مشغلو آهي، هو سڀ کان اڳ سندن مفادن جا دشمن بڻجي وڃن.فردوس عاشق چيو ته 9 مئي جي واقعي جي آزاداڻي جاچ ڪري ذميوارن کي سزا ڏني وڃي.
